سوئي گئس (ن پ ا) سوئي گئس ۾ رٽرننگ آفيسر ۽ اليڪشن ڪميشن جي نااهلي وائکي ٿي پئي، 4 مهينا اڳ فوت ٿيل استاد جي اليڪشن ڊيوٽي لڳائي ڇڏي، مرحوم پرائمري استاد غلام نبي شر کي يونين ڪائونسل باقي خان ۾ مقرر ڪيو آھي. ميڊيا پاران رابطو ڪرڻ تي انتظاميا ٻڌايو ته تعليم کاتي جي جلدبازي سبب جيڪي لسٽون مليون آھن، انھن ۾ ڪجھ غلطيون هيون جنھن جي بنياد تي چار مھينا اڳ فوت ٿي ويل استاد پرائمري استاد غلام نبي شر کي بلدياتي اليڪشن دوران يونين ڪائونسل ۾ مقرر ڪرڻ جو ليٽر جاري ڪيو ويو آھي. ٻئي طرف جي ڊي اي اميدوارن توڙي آزاد اميدوارن اھڙي عمل تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو آھي ته رٽرننگ آفيسر ۽ اليڪشن ڪميشن جي نااھليءَ سبب فوتي استادن جون ڊيوٽيون لڳايون ويون آهن. چونڊن ۾ ڌانڌليءَ جي مقصد سان اهڙيون حرڪتون ڪيون پيون وڃن. ھنن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو تهنوٽيس وٺي صاف شفاف اليڪشن ڪرائي وڃي.