سوئي گئس (ن پ ا) سوئي گئس شهر ڀرسان محمد اعظم ڪٻر کي هٿياربندن  يرغمال بڻائي  موٽر سائيڪل،  موبائل ۽ 50 ھزار رپيا ڦر ڪيا، مزاحمت تي هٿياربند نوجوان کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا، زخمي نوجوان کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻي طرف متاثر ڌر پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، پوليس پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري خاطري بعد احتجاج ختم ڪرايو.