سوئرزلينڊ جي شهر جنيوا ۾ ٿيل ڪانفرنس جا نتيجا

0
177
سوئرزلينڊ جي شهر جنيوا ۾ ٿيل ڪانفرنس جا نتيجا

 سوئزر لينڊ جي شهر جنيوا ۾ موسمي ڦير گهير بابت هڪ ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ وزيراعظم پاڪستان جناب شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري شريڪ ٿيا. هنن ٻنهي موسمي ڦير گهير جي نتيجي ۾ ٿيل نقصانن لاءِ 16 ارب ڊالر گهريا. پر اتي اٽڪل چوڏهن ارب ڊالرن کان وڌيڪ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جن ملڪن انهن ڊالرن ڏيڻ جو چيو سي هيٺيان ادارا ۽ ملڪ هئا، ۽ جيڪو هنن ڏيڻ جو واعدو ڪيو سي هيٺين جدول ۾ ڏنل آهن.

       نمبر   ملڪ

ڊالر اسلامي ترقياتي بينڪ 4.2 ارب

عالمي بينڪ  2 ارب

ايشين ترقياتي بينڪ 1.5 ارب

ايشين اڏاوتي ترقياتي بينڪ1 ارب

سعودي عرب  1 ارب

فرانس                           8.4 ملين

چين                             100 ملين

آمريڪا                         100 ملين

يورپين يونين                  93 ملين

جرمني                           88 ملين

جاپان                            77 ملين

انگلينڊ 10 ملين

آذربائيجان 2 ملين

ڪل 59.4 ارب ڊالر

وري اسان جو ماهر معاشيات ڊاڪٽر اشفاق احمد چوي ٿو ته سڀ ملڪ ايترا ڊالر نه ڏيندا. وري اهي قسطن ۾ ڏيندا جنهن ڪري پاڪستان جو خرچ وڌيڪ ٿيندو.

اسان وٽ نقصان 30 ارب ڊالرن کان مٿي ٿيو آهي. جڏهن ته سڀئي ملڪ ۽ ادارا رڳو 10 ارب ڊالرن کان وڌيڪ ڏين ٿا. تنهن ڪري مڪمل بحالي ته نه ٿي سگهندي. معنيٰ ڪجهه گهر ٺهڻ کان رهجي ويندا ۽ مڪمل بحالي نه ٿي سگهندي. ۽ ٻيا به ڪيترائي ڪم نه ٿي سگهندا. پوءِ اها مڪمل بحال ته نه ٿي. وري پاڪستان وٽ ايترا پئسا ڪونه آهن ته هو مڪمل بحالي ڪري سگهي. پر پوءِ به ايترا پئسا ته آهن ته ڪجهه بحالي ٿي سگهندي.

پاڪستان جي معيشت جو برو حال آهي. هڪڙي پاسي پئسا ڪونه آهن ٻئي پاسي ماڻهن ۾ سگهه نه آهي ته معاشي حالتن کي ٺيڪ ڪن. جنهن لاءِ ضروري آهي ته اسان پنهنجون ايڪسپورٽس به وڌايون. ٻاهرين ملڪن جا پاڪستاني جيڪو پئسو موڪلين ٿا تن جو انگ وڌايون، ملڪ ۾ جيڪي شيون اچن ٿيون انهن جو انگ گهٽايون. انهي نموني ۾ ملڪ جي دولت وڌي سگهي ٿي.

پاڪستان جو ٻيو مسئلو آهي ته قدرتي لنگهن جو بند ٿيڻ. انهيءَ جو مکيه سبب آهي ته ايل بي او ڊي ٺهڻ کانپوءِ قدرتي لنگهه بند ٿي ويا. اڳي جڏهن مينهن پوندو هو ته برساتن جو پاڻي ڍوري پراڻ جي ذريعي سمنڊ ۾ هليو ويندو هو. هاڻي اهي قدرتي لنگهه بند ٿي ويا آهن، جنهن ڪري جڏهن مينهن پون ٿا ته پاڻي اهي لنگهه بند ٿيڻ ڪري سمنڊ ۾ نه ٿو وڃي ۽ ٻوڏ برقرار رهي ٿي.

معنيٰ اهو پاڻي بيٺو رهي ٿو. سنڌ اسيمبلي طرفان اهو قانون پاس ٿيل آهي ته قدرتي لنگهه کوليا وڃن پر انهي قانون تي عمل ڪونه ٿو ٿئي. نتيجو اهو ٿو نڪري ته پاڻي بيٺو رهي ٿو.

سال 2011ع وارين برساتن ۾ اها ماجرا اسان اکين سان ڏسيو ويٺا آهيون. جيڪڏهن انهي قانون تي عمل نه ٿيو ته ملڪ ٻڏل ئي رهندو. خاص طرح هن سال جي برساتن اها واردات دهرائي ڇڏي آهي، اسان کي کپي ته قانون تي عمل ڪريون. انهي کانسواءِ ٻو ڪو چارو نه آهي.