لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ قائد عوامي انجنيئرنگ يونيورسٽي ڪئمپس جي شاگردن سهولتن جي کوٽ خلاف يونيورسٽي جي هاسٽل ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي شاگردن اشفاق پنهيار، نعمت الله جمالي، احسان اللہ مگسي، ذوالفقار ٻرڙو، مشاهد حسين ڊومڪي، ظهور بگٽي، زاهد حسين جاگيراڻي، عامر  باجڪاڻي، امجد علي ڏهاڻي ۽ ٻين دانيهندي چيو ته ڪئمپس کي12 سال ٿيا آهن پر هن وقت تائين شاگرد کي هاسٽلن ۾ سهولتون فراهم ناهن ڪيون ويون نه ئي پارڪ ٺهي سگهيو ۽ نه ئي ٿڌي پاڻي جي سهولت آهي، هنن چيو ته شڪايتن باوجود انتظاميا دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.