لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) ناري سلطانا جتوئي پنهنجي پيرسن امڙ زرينه سان گڏجي لاڙڪاڻي ۾ صحافين آڏو دانهيندي چيو ته سال اڳ شڪارپور واسي يعقوب جتوئي سان شادي ٿي، 7 مهينن جو پيٽ آهي، مڙس ۽ ڏير تشدد جو نشاڻو بڻائيندا هئا. هن چيو ته مڙس تي ڪارنهن جو الزام لڳڻ بعد سهري رحمت الله جتوئي، ڏير شمن، عمر، قمر جتوئي سميت سندن مائٽ بهادر، خان محمد، امير بخش جتوئي ۽ ٻين پاڻ ۾ صلاح ڪري مون مٿان ڪوڙو ڪارنهن جو الزام لڳائڻ جو پلان جوڙي قتل ڪرڻ جي سازش رٿي،جان جو خطرو آهي، تحفظ فراهم ڪيو وڃي.