ڳڙهي حسن (ن پ ا) ٽائون ڪاميٽي سهراب سرڪي جي چئن وارڊن تي پيپلزپارٽي اميدوار امداد سرڪي، وحيد مراد سرڪي، ياسر سرڪي ۽ عاقب سرڪي  بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن.ٻئي پاسي يوسي ڪنراڻي ۾ پ پ اميدوار راجا آفتاب ڪنراڻي ۽ جميعت علماءِ اسلام اميدوار عبدالقيوم ڪنراڻي ۾ دنگل ٿيندو، يوسي ڪوٽ جنگو ۾ آزاد اميدوار ظفر کوسو ۽ پيپلزپارٽي اميدوار طاهر کوسو ۾ ڪانٽي جو مقابلو ٿيندو. يوسي بهادر پور ۾ به چيئرمين جي سيٽ تي آزاد اميدوار جاويد بنگلاڻي، تحريڪ لبيڪ ياسين ۽ پيپلز پارٽي اميدوار علي نواز ٽانوري ۾ سخت مقابلو ٿيندو. يوسي مددپور ۾ آزاد اميدوار عطا شان سرڪي جو پ پ اميدوار سان مقابلو ٿيندو.