سن (ن پ ا) سن شھر جي واپاري جي گھر مان 15  ڏينهن اڳ ڌاڙي جو  ڪيس ڇڇر ايٽ سن ٿاڻي تي ھڪ سڃاتل ۽ 2 نامعلوم  جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ مک جوابدار سن جو رھواسي  پوليس اھلڪار دودو عرف راحيل گاھوٽي کي گرفتار ڪيو ويو آهي،  سن جي رھواسي زرعي دوائن  جي ڍيلر علي جويو جي گھر ۾ ڌاڙو ھڻي ھڪ لک روڪ ۽ سونا زيورڦر ڪيا ويا هئا، ان حوالي سان متاثر علي جويو موجب ته   3 جوابدارن  منهنجي گھر مان ھڪ لک روڪ ۽ سونا زيور کنيا هئا، مزاحمت تي منهنجي ڀيڻ کي زخمي ڪيو ويو هو، هن چيو ته هڪ جوابدار پوليس اهلڪار آهي، جيڪو  بااثر جو گن مين پڻ آھي. ان ڪري ٺاھ ڪرڻ لاء پريشر رکيو ويو آهي. هن مطالبو ڪيو ته انصاف ڪيو وڃي.