سن (ن پ ا) سن شھر ۾ هڪ ئي رات ۾ ٻن دڪانن مان لکين روپين جي چوري ٿي وئي. شهري غلام عباس انصاري  جي ڪميونيڪيشن  جي  دڪان  مان چور ٽچ اسڪرين موبائلون ڪارڊ  ۽ آيزي پيسا لوڊ ڪرڻ وارين موبائيلن سميت  روڪ 40 ھزار کڻي ويا ۽ وقار ڪاندڙو جي ڪولڊنگ جي دڪان مان  50ھزار روڪ ۽ لوڊ ڪرڻ واريون موبائيلون  کڻي ويا.