سن (ن پ ا) سن ڀرسان  آمريءَ وٽ  ڳوٺ نيو سونھري ۾ نانگ جي ڪکڻ سان 8 ورھن جو معصوم نينگر ھاشم برھماڻي فوت ٿي ويو. ان ڏس ۾  8 ورھين جو معصوم ھاشم  برھماڻي پٽ علي مراد برھماڻي نانگ ڪکي وڌو، آمري اسپتال ۾ ڪا به سھولت نه هجڻ ڪري نينگر کي سيوهڻ جي اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو پر هو فوت ٿي ويو. نينگر جو لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ياد رهي ته آمري جي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي تڪ ۾ آهي جتي صحت جي ڪا به سھولت ناھي، هتي اسپتالون ويران لڳيون پيو آهن.