سن (رپورٽ: شاھنواز شاھاڻي) سن ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگرهه واري ڏينهن ٿيل ڇڪتاڻ ۽ ڪارڪن زخمي ٿيڻ واري واقعي خلاف ايس يو پي جي سڏ تي شٽربند ھڙتال ڪري ڌرڻو ھنيو ويو . ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ جي سڏ تي شٽر بند هڙتال بعد انور منگڻھار، عنايت الله شاھاڻي، نعمت الله سنڌي، نواز ڪنڀر، امتياز ملاح، غلام علي ڇڇر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، ھنن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سائين جي ايم سيد جي سالگرھ تي آيل پرامن ڪارڪنن تي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان تشدد ڪيو ويو. سنڌ حڪومت جي نااھلي جي  ڪري اھو واقعو پيش آيو آھي. ايس ايس پي ڄامشورو ان واقعي جو ذميوار آھي ان کي فوري طور تي ھٽايو وڃي. ٻئي پاسي سائين جي ايم سيد جي 119  سالگرھ تي ٿيندڙ ڇڪتاڻ بعد پوليس مٿان تشدد جو سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڇڇر ايٽ سن ٿاڻي جي ايس ايڇ او سيف الرحمن سھتو جي فرياد تي  ايف آء آر داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ پابندي مڙھيل تنظيم جي 4/5 ماڻھن کي نامزد ڪيو ويو آھي، جڏھن ته 10 کان 12 نامعلوم ماڻهو به نامزد ٿيل آهن. ايف آءِ آر ۾ قلم 123، A _ 124 اي 153، 147، 148، 149.  353، 435، 324 پي پي سي 427، 6۽ 7 اي ٽي اي تحت شامل ڪيا ويا آهن، ايف آءِ آر ۾ ڄاڻيو ويو آهي ته پاپندي مڙيل تنظيم جي ڪارڪنن غلام شبير ولد غلام حسين لغاري محمد اسلم ولد الھرکيو چانڊيو رحم حسين ولد شاھ بيگ چانڊيو محمد آصف جوڻو ۽ ٻين  انسپيڪٽر عبدالرزاق پٺاڻ کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي زخمي ڪيو ۽   ٻن پوليس موبائلن کي باھيون ڏئي ساڙي ڇڏيو. جڏهن ته ٽن ڪارڪنن نياز علي منگي احسن علي ميمڻ شبير احمد جمالي کي گرفتار ڪيو  ويو آهي.