سن (ن پ ا) سن جي رهواسڻ  21 سالن جي نوجوان نياڻي ڪلثوم ملاح ڪينسر جهڙي خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا ٿي وئي آهي وارثن طرفان اعلي اختيارين کي مدد جي اپيل  ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ ناريءَ جي والد بشير ملاح چيو آهي ته  گھر جو الھه تلھه وڪڻي نياڻي جي علاج تي خرچ ڪيو پر ڊاڪٽرن طرفان علاج تي لکين رپيا  خرچ ٻڌايو ويو آھي مدد ڪئي وڃي. هن ٻڌايو ته نياڻي خطرناڪ بيماري سان ڪراچي جي جناح  اسپتال ۾ زندگي جي جنگ  وڙهي رهي آهي پنهنجي نياڻي کي زندہ رکڻ جي خواهش ۾ گذريل هڪ مهيني کان ڪراچي جي مختلف اسپتالن جا چڪر ڪاٽي  رهيو آهيان. هن چيو ته  ڊاڪٽرن کين ٻڌايو آهي ته ھن جو  آخري علاج بون ميرو ٽرانسپلانٽ آهي، پر ان لاء هنن وٽ ايترا  پئسا ناهن،  ھنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کي اپيل ڪئي ته جلد سندن نياڻي جو سرڪاري خرچ تي علاج  ڪرائي  سندس نياڻي جي زندگي بچائي وڃي.