رياض (م ڊ) سعودي عرب ۾ ٽن فوجين کي سنگين غداري جي الزام ۾ ڦاهي ڏني وئي آهي. عرب ميڊيا مطابق ٽن فوجين کي غداري جو الزام ثابت ٿيڻ تي موت جي سزا ڏني وئي، ٽئي فوجي سعودي جي دفاع وزارت ۾ ملازم هئا، عرب ميڊيا موجب سعودي دفاع وزارت جي ٽنهي ملازمن خلاف جاچ هلندڙ هئي، جنهن ۾ انڪشاف ٿيو ته ٽنهي فوجين دشمنن سان تعاون ڪيو، رياست ۽ فوجي مفادن جي ڀڃڪري ڪئي، جنهن تي کين غداري جو ذميوار قرار ڏنو ويو، عرب ميڊيا موجب دفاع وزارت فوجين کي ڦاهي ڏيڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو اهي ته ٽنهي فوجين کي عدالت موت جي سزا ٻڌائي، جنهن بعد شاهي حڪم تي سندس ڊيٿ وارنٽ جاري ڪيا ويا.