ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ، خوراڪ واري وزير مڪيش چاولا ۽ جيلن بابت صلاحڪار اعجاز جکراڻي چيو آهي ته سنڌ جي ڪنهن به جيل ۾ ڪو به افغاني ٻار قيد ناهي، سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل تصوير لانڍي جيل جي ناهي ، سنڌ جي جيلن ۾ 129 افغاني عورتون قيد آهن، جن سان سندن 178 ٻار به موجود آهن، انهن ٻارن کي قيدي چئي نٿو سگهجي، اسان جي جيلن ۾ نه رڳو افغاني پر  بنگالي، برمي  ۽ ٻين ملڪن جا غير قانوني ماڻهو قيد آهن، ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته سنڌ ۾ 30 لک کان وڌيڪ غير قانوني طور رهندڙ ماڻهن خلاف هڪ ڏينهن ۾ ڪارروائي ممڪن ناهي، باقي انتظاميا پاران  غير قانوني طور رهندڙن خلاف ڪارروائي جاري رهندي، هنن چيو ته پ پ مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهي، باقي جن پارٽين جو الائينس ٺهي پيو ته انهي جي اسان کي ڪا تڪليف ناهي، اسان کي ته پاڻ انهي اتحاد جو مزو ايندو، صوبائي صلاحڪار  اعجاز جکراڻي چيو ته سنڌ جي جيلن جي صورتحال بهتر آهي، باقي ڪجهه جيلن ۾ گنجائش کان وڌيڪ قيدي آهن، اسٽاف توڙي قيدين کي هڪ جهڙو معياري کاڌو ملي ٿو، صوبائي وزير مڪيش چاولا  چيو ته مهانگائي سڄي دنيا ۾ وڌي آهي، سنڌ واحد صوبو آهي، جتي اٽو 65 رپيا ڪلو ملي پيو، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اٽي جا گهٽ اسٽال هجڻ جي مليل شڪايتن تي اسٽالن جو انگ وڌايو آهي.