حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر سڀاني ڏاھري، زرقا ھاليپوٽو، ماھ نور ملاح ۽ افشين ميمڻ پنھنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته رليف ڪئمپن ۾ معصوم ٻار، پيرسن ۽ عورتن جي حالت تمام گهڻي خراب آهي. ڪيتريون ئي عورتون حمل سان ھئڻ سبب غذا جي کوٽ جو شڪار بڻيل آهن. هنن چيو ته غذا جي کوٽ جو شڪار حاملا عورتن جي پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار پيدا ٿيڻ دوران بيمارين جو شڪار بڻجي ويندا ڇاڪاڻ ته ماءُ ۾ کاڌ خوراڪ جي ڪمي سبب ٻارن تي وڏو اثر پوي ٿو جڏهن ته ماءُ ۾ رت جي کوٽ سبب اڪثر ٻار ڄمڻ دوران ئي فوت ٿي وڃن ٿا. هنن چيو ته صحت جي عالمي اداري ڊبليو ايڇ او پنھنجي رپورٽ جاري ڪندي چيو آھي ته سنڌ ۾ 7 لک عورتون ڳورھاريون آھن جيڪي غذائي کوٽ کي منھن ڏئي رھيون آھن ان لاءِ سنڌياڻي تحريڪ عالمي ادارن ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ٿي ڪري ته ٻوڏ متاثر ڪئمپن ۾ ترسيل توڙي پاڻي ۾ ڦاٿل ڳورھارين عورتن جي ھنگامي بنيادن تي واھر ڪري کين صحتمند رهڻ لاءِ خوراڪ فراھم ڪئي وڃي، گڏوگڏ کين مفت طبي سھولتون پڻ فراهم ڪيون وڃن.