ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي سطح تيزي سان گھٽجي رهي آهي، رڳو ڪوٽڙي بئراج تي ننڍي ٻوڏ آهي، جتي پاڻي جي آمد 294500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 286500 ڪيوسڪ آهي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن  دوران 692  شهري فوت ٿيا آهن، جڏهن ته صوبي ۾ 2 لک 46 هزار 406 ڍور مري ويا آهن. هن چيو ته ڪل 1750707 گهر متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته 703986 گهر مڪمل طور تي تباهه ٿيا آهن،  صوبي  ۾ 3557711 ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿيو آهي. ھن چيو ته پرڳڻي ۾ 10802252 آبادي متاثر ٿي آهي، جڏهن ته 6891457 ماڻهو بي گهر ٿيا آهن. هن چيو ته متاثرن ۾ 256248 خيما، 244867 ترپال، 1980856 مھارا (مڇر دانيون) ، 15430 چوپائي مال جون مڇر دانيون، 31198 ڪچن سيٽ، 650074 خاندانن ۾ راشن جا ٿيلها ورهايا ويا آهن. هن چيو ته سمورا فيصلا آبپاشي انجنيئرن جي مشاورت سان ڪيا پيا وڃن، ڪنهن جي مرضي تي ڪٽ نٿا لڳائي سگھجن . سنڌ حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته زرعي زمين مان جلد پاڻي ڪڍيو وڃي