اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثر گهراڻن کي في ڪس 25 هزار رپيا روڪ امداد ڏيڻ جي مد ۾ 25 ارب 14 ڪروڙ 94 لک 50 هزار رپين جي رقم تقسيم ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، 19 سيپٽمبر تائين ٻوڏ متاثرن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت تقسيم ڪيل روڪ امداد جي حوالي سان اين ڊي ايم اي پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ابتدائي طور تي مجموعي طور 11 لک 35 هزار 660 گهراڻن في ڪس 25 هزار رپيا روڪ امداد طور 28 ارب 39 ڪروڙ 15 لک رپيا تقسيم ڪرڻ جي حڪمت عملي تيار ڪئي وئي، جن مان ڪالهه تائين 10 لک 5 هزار 978 گهراڻن ۾ 25 ارب 14 ڪروڙ 94 لک 50 هزار رپين جي رقم تقسيم ڪئي وئي آهي، ابتدائي طور تي سنڌ صوبي ۾ 6 لک 69 هزار 123 گهراڻن ۾ في ڪس 25 هزار رپيا روڪ امداد طور مجموعي طور 16 ارب 72 ڪروڙ 80 لک 75 هزار رپيا تقسيم ڪرڻ جي حڪمت عملي تيار ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪالهه تائين سنڌ صوبي ۾ 6 لک 2 هزار 977  گهراڻن ۾ 15 ارب 7 ڪروڙ 44 لک 25 هزار رپين جي رقم تقسيم ٿي چڪي آهي، باقي رهندڙ 66 هزار 146 گهراڻن ۾ هڪ ارب 65 ڪروڙ 36 لک 50 هزار رپين جي رقم تقسيم ڪرڻ لاءِ ڪم جاري آهي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪالهه تائين بلوچستان صوبي جي هڪ لک 28 هزار 428 گهراڻن ۾ 3 ارب 21 ڪروڙ 7 لک رپين جي رقم تقسيم ٿي چڪي آهي، خيبر پختونخوا ۾ هڪ لک 23 هزار 269 گهراڻن ۾ 3 ارب 8 ڪروڙ 17 لک 25 هزار، پنجاب صوبي ۾ هڪ لک 51 هزار 304 گهراڻن ۾ 3 ارب 78 ڪروڙ 26  لک رپين جي رقم تقسيم ٿي چڪي آهي.