سنڌ ۾ 53 سيڪڙو خاندان گيس، 56 سيڪڙو واٽر سپلاءِ، 36 سيڪڙو بجلي جي سهولت کان محروم هجڻ جو انڪشاف

0
509
سنڌ ۾ 53 سيڪڙو خاندان گيس

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) سنڌ ۾ 53 سيڪڙو خاندان گيس، 56 سيڪڙو واٽر سپلاءِ، 36 سيڪڙو بجلي جي سهولت کان محروم هجڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، شماريات کاتي پاران 2017 ۾ ٿيل آدمشماري جي جاري ڪيل رپورٽ ۾ ملڪ کي سڀ کان وڌيڪ گيس پيداوار ڏيندڙ سنڌ صوبي اندر مجموعي طور تي رڳو 47.39 سيڪڙو گهراڻن کي رڌ پچاء لاءِ گيس جي فراهمي ٿيل هجڻ ۽ باقي گهراڻا هن دور ۾ به ڪاٺين تي رڌ پچاءَ ڪرڻ تي مجبور هجڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آھي، سنڌ صوبي اندر مجموعي طور تي رڳو 44.83 سيڪڙو گهراڻن کي واٽر سپلاءِ ، 29.76 سيڪڙو گهراڻا نلڪي يا موٽر ذريعي پيئڻ جو پاڻي حاصل ڪن ٿا، سنڌ جا 14.42 سيڪڙو گهراڻا گهرن کان ٻاهران پاڻي ڀري اچن ٿا، سنڌ جي ٻهراڙين جي 64.85 سيڪڙو گهراڻن کي بجلي جي سهولت هجڻ جي به تصديق ڪئي وئي آهي، تفصيل موجب 2017 جي ٿيل آدمشماري جي جاري ڪيل رپورٽ مطابق سنڌ ۾ 2017ع ۾ ٿيل آدمشماري جي جاري ڪيل رپورٽ مطابق سنڌ صوبي جي ڪل 72 لک 55 هزار، 903 گهرن مان گهر اندر واٽر سپلاءِ جي پاڻي جي سهولت 44.83 سيڪڙو گهراڻن کي سهولت مليل آھي جن گهراڻن جو ڪل تعداد 28 لک، 37 هزار، 949 گهراڻا آھي، جڏهن ته بجلي جي موٽر ۽ نلڪن ذريعي 29.76 سيڪڙو آبادي پيئڻ جو پاڻي حاصل ڪري ٿي، اهڙن گهراڻن جو تعداد 20 لک ، 25 هزار، 768 آھي، سنڌ ۾ محفوظ کوهن ذريعي 1.24 سيڪڙو گهراڻا ۽ غير محفوظ کوهن ذريعي 1.68 سيڪڙو گهراڻا هن دور ۾ به پاڻي حاصل ڪري وپرائي رهيا آهن، 14.42 سيڪڙو سنڌ جي گهراڻا گهرن کان ٻاهر وڃي پاڻي ڀري واپرائي ٿي. جڏهن ته ملڪ کي وڌ ۾ وڌ گيس پيدوار ڏيندڙ سنڌ صوبي جي ڪل آبادي مان رڳو 47.39 سيڪڙو گهراڻن کي رڌ پچاءَ لاءَ گيس جي فراهمي ٿيل آھي، هن دور ۾ به سنڌ جي49.50 سيڪڙو گهراڻا ڪاٺين تي رڌ پچاءُ ڪن ٿا جن جو تعداد 27 لک 42 هزار 569 گهراڻا ٿئي ٿو، سنڌ جي ڪل آبادي مان 80.44 سيڪڙو آبادي کي بجلي جي فراهمي ٿيل آھي، يعني 20 لک 49 هزار 367 گهراڻن کي اهڙي سهولت ناهي، 3 لک 77 هزار 799 گاسليٽ، 16 هزار 559 گيس ليمپ ذريعي روشني حاصل ڪن ٿا، 9 لک 36 هزار ٻين ذريعن سان روشني ڪن ٿا. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي ته سنڌ جي ٻهراڙين جي علائقن ۾ ڪل گهراڻا 28 لک 45 هزار 336 گهراڻا آهن، جن مان 77.80 سيڪڙو کي پاڻي جي سهولت ناهي، 36.51 سيڪڙو گهراڻن اندر واٽر سپلاءِ جو پاڻي ملي ٿو يعني 15 لک 10 هزار 664 گهراڻن کي گهرن اندر واٽر سپلاءِ جي سهولت ناهي، 10 لک 42 هزار 684 گهراڻا نلڪن ۽ موٽرن ذريعي پاڻي حاصل ڪن ٿا، 45 هزار محفوظ کوهن ۽ 1 لک 6 هزار غيرمحفوظ کوهن ذريعي ۽ ٻيا مختلف وسيلن سان پاڻي حاصل ڪن ٿا. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ رهندڙ 22.20 سيڪڙو گهراڻا گهرن کان ٻاهريان پاڻي ڀري واپرائن ٿا، رپورٽ موجب سنڌ جي ٻهراڙي جا 83.76 سيڪڙو گهراڻا ڪاٺين تي رڏ پچاءُ ڪن ٿا ، 11.82 سيڪڙو گهراڻن کي ئي گيس جي سهولت مليل آھي، 64.85 سيڪڙو گهراڻن ۾ روشني لاءِ بجلي جي فراهمي ٿيل آھي باقي گهراڻا ٻين وسيلن ذريعي گهرن ۾ روشني ڪن ٿا جڏهن ته سنڌ جي شهري علائقن 93.05 سيڪڙو کي گهرن اندر ئي پاڻي جي فراهمي جي سهولت آھي جن ۾ 52.80 سيڪڙو کي واٽر سپلاءِ، 31.51 سيڪڙو کي موٽر يا نلڪي ذريعي سهولت مليل آهي، شهري علائقن مان 6.95 سيڪڙو گهراڻا گهر کان ٻاهر وڃي پاڻي ڀري استعمال ڪن ٿا شهرن ۾ 81.46 سيڪڙو گهراڻا گيس ،16.68 سيڪڙو گهراڻا ڪاٺين تي رڌ پچاء ڪن ٿا.