سنڌ ۾ 40 هزار کان وڌيڪ استادن ۽ هيڊ ماسترن جي خالي جاين تي جلد ڀرتيون ڪرڻ جو حڪم

0
482
سوسائٽيز ۾ ايڊمنسٽريشن

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ 40 هزار کان وڌيڪ استادن ۽ هيڊ ماسترن جي خالي جاين تي جلد ڀرتيون ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان استاد ڀرتي نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار، سنڌ ۾ تعليمي سڌارن بابت درخواست تي ٻڌڻي دوران عدالت ايڊيشنل سيڪريٽري کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته تعليم کاتو نيٺ ڪندو ڇا آهي؟ توهان سُتا پيا هوندا آهيو ۽ هر ٻڌڻي تي ملهت گهرندا آهيو، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي فعال ٿيڻ تائين هيڊ ماسترن کي انٽرنشپ تي رکيو وڃي،  تعليم کاتي کان ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪئي وئي آھي.