ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪورونا 57 حياتيون کسي ورتيون، 3787 نوان ڪيس سامهون اچڻ بعد فعال ڪيس وڌي 90076 تي پهچي ويا، ملڪ ۾ ڪورونا شرح 6.33 سيڪڙو رهي، پنجاب ۾ ڪورونا ڪيس نه گهٽيا، لاهور 11 سيڪڙو شرح سان سڀني کان اڳتي آهي، فيصل آباد ۾ شرح 8.3 ۽ راولپنڊي ۾ 6.5 سيڪڙو رهي، ،جڏهن ته سنڌ ۾ 11 شهرين دم ڏنو، 24 ڪلاڪن ۾ 990 نوان ڪيس سامهون آيا، ان حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاھه چيو آهي ته هن وقت 48354 مريضن جو علاج هلي رهيو آهي، جن مان 47474 گھرن، 40 آئسوليشن سينٽرن ۽ 840 مختلف اسپتالن ۾ داخل آهن، 744 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، 64 مريض وينٽيليٽر تي پيل آهن، هوڏانهن ڪراچي ۾ 412 ، حيدرآباد ۾ 179، گھوٽڪي ۾ 36، ٺٽي ۾ 31، مٽياري ۾ 30، سجاول ۾ 27، نوشهري فيروز ۾ 26، بدين ۽ سانگهڙ ۾ 25_25، ميرپورخاص ۾ 22، ڪشمور ۾ 21، ٿرپارڪر ۾ 18، خيرپور ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ 15_15، قمبر ۽ سکر ۾ 14_14، شڪارپور ۽ عمرڪوٽ ۾ 11_11، دادو ۾ 10، جيڪب آباد ۽ شهيد بينظير آباد ۾ 6_6، ڄامشوري ۾ 3، لاڙڪاڻي ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ هڪ هڪ نئون ڪيس ظاهر ٿيو آهي. هوڏانهن اي اين ٽي اسپيشلسٽ ڊاڪٽر حفيظ ڪورونا سان ويڙهه ڪندي فوت ٿي ويو.
اسلام آباد /ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ تعليم کاتي سڀاڻي سومر کان نائين کان ٻارهين جماعت جي 14 لک شاگردن جي ويڪسين شروع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ويڪسين لاءِ ٻار جي والدين جي رضامندي ضروري هوندي، جنهن لاءِ والدين جي رضامندي جو سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائڻو هوندو،هوڏانهن سول ايوي ايشن اٿارٽي پهرين آڪٽوبر کان گهريلو توڙي انٽرنيشنل اڏامن ۾ ڪورونا ويڪسين کي لازمي قرار ڏنو آهي، 17 سالن کان گهٽ عمر وارا نينگر توڙي مريض انهيءَ پابندي کان آجا هوندا. مريض مسافرن کي ويڪسينيشن نه هجڻ جي صورت ۾ علاج جو سرٽيفڪيٽ ڏيکارڻو پوندو، جڏهن ته انٽرنيشنل اڏامن ۾ سفر ڪندڙ مسافرن لاءِ سفر کان 72 ڪلاڪ اڳ ڪورونا ٽيسٽ ڪرائڻ لازمي هوندو. ٻئي طرف وفاقي سرڪار ڄاڻايو آهي ته ٻيو ڊوز لڳرائڻ جا خواهشمند شهري ميسيج جو انتظار ڪرڻ بدران ڪنهن به سينٽر تان ڏنل تاريخ تي ويڪسين ڪرائي سگهن ٿا، آچر جو ڏهاڙو رڳو ٻئي ڊوز وارن لاءِ مخصوص هوندو.






























