ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ صحت کاتي  پاران 12 سال ۽ ان کان مٿي جي عمر وارن 3 ڪروڙ 42 لک 90 هزار شهرين کي ڪورونا کان بچاءُ  واري ويڪسين لڳائي مقرر ڪيل هدف 100 سيڪڙو تائين پورو ڪرڻ جي دعويٰ، پنجاب 86 ۽ ڪي پي رڳو 64 سيڪڙو هدف مڪمل ڪري سگهيا  ان حوالي سان صحت کاتي جي اختيارين پاران اها دعويٰ ڪئي وئي آهي ته صوبي ۾  12سال ۽ ان کان مٿي جي عمر واري 100 سيڪڙو آبادي (ڪُل 3 ڪروڙ 42 لک 90 هزار شهرين) کي ڪورونا کان بچاءُ وارا ٻئي ڊوز لڳايا ويا آهن، جڏهن ته ساڍا 75 لک شهرين کي بوسٽر ڊوز لڳايو ويو آهي. صحت کاتي موجب  ڪورونا جي نون قسمن ( ويرينٽس) کان بچڻ لاءِ شهري هر  پنجين مهيني بوسٽر ڊوز لڳرائين، واضح رهي ته سنڌ ۾ ڪورونا جو پهريون ڪيس 26 فيبروري 2020 تي ڪراچي ۾ ظاهر ٿيو هو، جڏهن ته  سنڌ ۾ ويڪسينيشن وارو عمل 3 فيبروري 2021ع تي شروع ڪيو ويوهو