ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل 10 سالن دوران ٺهيل سمورن ڊوميسائلن ۽ پي آر سيز جي جاچ ڪرڻ وارو معاملو فائلن ۾ دٻجي ويو، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزنن جي ڪمشنرن ۽ صوبي جي سمورن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن جي عدم دلچسپي ڪري ڊوميسائلن جي ڇنڊ ڇاڻ وارو معاملو ڪيترن ئي سالن کان رولڙي جو شڪار آهي، واضح رهي ته گھرو کاتي مختلف وقتن تي ڊپٽي ڪمشنرن کي جاچ مڪمل ڪرڻ جون هدايتون پڻ ڪيون هيون