سنڌ ۾ گرمي ماڻهن جا پگهر ڪڍي ڇڏيا

0
242

ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ گرمي ماڻهن جا پگهر ڪڍي ڇڏيا، ڪراچي ۾ پارو 41 سينٽي گريڊ کي ڇُهي رھيو آھي

سکر، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي، دادو ۽ شڪارپور ۾ گرمي پد 48 کان 50 تائين پهچڻ جا امڪان آھن، نوابشاهه، خيرپور ۽ قمبر شهدادڪوٽ ۾ به  سج سوا نيزي تي پهتل آھي

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 15 کان 17 مئي تائين گرمي پد ۾ 2 کان 3 سينٽي گريڊ تائين گهٽتائي ايندي، 18 مئي کان سنڌ ۾ گرميءَ جي نئين لهر شروع ٿي ويندي