سنڌ ۾ ڪڻڪ جي کوٽ ناهي، غريبن کي 65 روپيا في ڪلو اٽو ڏئي رهيا آهيون: شرجيل ميمڻ

0
315

ڪراچي: صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جي ڪا به کوٽ نه آهي، اڄ به سنڌ ۾ غريب ماڻهن کي 65 روپيا في ڪلو اٽو ڏئي رهيا آهيون

ڪراچي ۾ صوبائي وزيرن شرجيل ميمڻ، مڪيش چاولا ۽ فلور ملز مالڪن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، شرجيل ميمڻ چيو ته اٽي جو بحران سموري ملڪ ۾ آهي، سنڌ واحد صوبو آهي جتي اٽو 65 روپيا في ڪلو ملي ٿو

 مڪيش ڪمار چاولا چيو ته فلور ملز جي لاءِ ڪڻڪ جي ڪوٽا وڌائي وئي آهي، صوبائي وزير پاران ميرپورخاص ۾ اٽو وٺڻ دوران فوت ٿيل پورهيت هرسنگ ڪولهي جي وارثن لاءِ 10 لک روپيا معاوضي جو اعلان ڪيو ويو

 فلور ملز اونرز جي اڳواڻ چوڌري يوسف چيو ته سنڌ ۾ 65 کان 95 روپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي، ڪراچي ۾ سموري ملڪ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سستو اٽو ملي رهيو آهي، ڪڻڪ جي کوٽ نه ٿيندي ته اٽو به مهانگو نه ٿيندو