ڪراچي: سنڌ هائڪورٽ چيف سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري فوڊ کي هدايت ڪئي آهي ته هو سنڌ ۾ ڪڻڪ جي ورڇ ۾ بي ضابطگين کي پاڻ ڏسن ۽ ڪرپشن جي شڪايتن جو ازالو ڪن. عدالت پاران ڪرپٽ آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم پڻ ڏيندي چيو ويو ته ضلعي جي قابل آفيسرن کي خوراڪ کاتي ۾ مقرر ڪيو وڃي.
جيڪڏهن قانون جي خلاف تقرريون ڪيون ويون آهن ته آئين جي آرٽيڪل 204 تحت ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.