سنڌ ۾ ڪورونا ڪيسز تيزي سان وڌڻ تي سمورا تعليمي ادارا ۽ انٽر سٽي ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ جو فيصلو

0
1417

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڪورونا وائرس ۾ جِي پکيڙ ۾ واڌ بعد سمورا تعليمي ادارا ۽ انٽرسٽي ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ جو فيصلو، سرڪاري آفيسن ۾ 20 ۽ خانگي شعبي ۾ 50سيڪڙو ملازم اچي سگهندا،ايس او پيز نظر انداز ڪندڙن جون آفيسون سيل ڪيون وينديون، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير چيو ته سنڌ جَي 3 اسپتالن ۾ آڪسيجن پلانٽس آهن، ڪورونا جِي پکيڙ ۾ اضافي بعد اسڪولز، ڪاليجز ۽ يونيورسٽيز کي مڪمل طور بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، خميس کان انٽرسٽي پبلڪ ٽرانسپورٽ بند ڪئي ويندي، سرڪاري آفيسن ۾ 20سيڪڙو حاضري رهندي، باقي ملازم گهرن مان ڪم ڪندا، ريسٽورنٽس ۾ اندر ۽ ٻاهران کاڌو کائڻ تي پابندي هوندي، رڳو هوم ڊليوري جي اجازت هوندي، شاپنگ مالز شام ڇهين وڳي بند ڪرڻا پوندا، ڪورونا جا ڪيس وڌڻ جِي صورت ۾ سموريون مارڪيٽس بند ڪيون وينديون. سھولتن باوجود اسان پريشان آھيون، ڪورونا وائرس تيزي سان پکڙجي رھيو آھي.