سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 536 نوان ڪيس ظاهر، 3 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

0
155
سنڌ ۾ ڪورونا وائرس
سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 536 نوان ڪيس ظاهر، 3 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 536 نوان ڪيس ظاهر، 3 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 423 مريضن ڪورونا وبا کي شڪست ڏئي صحتيابي ماڻي ورتي آهي.

ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ڪورونا صورتحال بابت پڌرائي جاري ڪندي چيو آهي ته هن وقت 21406 مريض علاج هيٺ آهن جن مان 21115 گهرن ۾، 30 مريض آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 261 مختلف اسپتالن ۾ داخل آهن.

هن چيو ته 258 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جن مان 16 کي وينٽيليٽرن تي منتقل ڪيو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته 24 ڪلاڪن دوران رڳو ڪراچي ڊويزن ۾ 100 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، حيدرآباد ۾ 164، ٺٽي ضلعي ۾ 32، سکر ۾ 28، نوشهروفيروز ۾ 26، ٿرپارڪر ۾ 24، مٽياري ۾ 13، ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ 19، بدين ۽ سانگهڙ ضلعن ۾ 18-18، سجاول ۾ 17، شهيد بينظير آباد ضلعي ۾ 15، عمرڪوٽ ۾ 14، ميرپورخاص، شڪارپور ۽ ٽنڊوالهيار ضلعن ۾ 9-9، گهوٽڪي ۾ 7 جيڪب آباد ۾ 6، ڄامشوري ۾ 3، لاڙڪاڻي ۾ 2 ۽ ڪشمور توڙي خيرپور ضلعن ۾ وڌيڪ هڪ هڪ نئون ڪيس ظاهر ٿيو آهي