سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 431 نوان ڪيس ظاهر، 9 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

0
464
سنڌ ۾ ڪورونا وائرس
سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 431 نوان ڪيس ظاهر، 9 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 431 نوان ڪيس ظاهر، 9 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 341 مريضن ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي صحتيابي ماڻي ورتي آهي

ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ڪورونا صورتحال بابت پڌرائي جاري ڪندي چيو آهي ته هن وقت 21487 مريضن جو علاج هلي رهيو آهي، جن مان 21193 مريض گھرن ۾، 30 مريض آئسوليشن سينٽرن ۽ 264 مريض مختلف اسپتالن ۾ داخل آهن

وڏي وزير چيو ته 261 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، 21 مريض وينٽيليٽر تي منتقل ڪيا ويا آهن. 24 ڪلاڪن دوران رڳو ڪراچي ڊويزن ۾ 140 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن.

حيدرآباد ۾ 77، ڪشمور ۾ 24، لاڙڪاڻي ۾ 19، سانگھڙ ۾ 17، ٿرپارڪر ۾ 15، شڪارپور ۽ دادو ضلعن ۾ 14_14، نوشهروفيروز ۽ سجاول ضلعن ۾ 12_12، ميرپور خاص ۾ 11، ٽنڊوالهيار ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ 10_10، ڄامشوري ۽ سکر ضلعن ۾ 8_8، مٽياري ۽ عمرڪوٽ 6_6، خيرپور ۾ 5، گھوٽڪي ۾ 4، بدين ۾ 3 ۽ شهيد بينظير آباد ضلعي ۾ 2 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن.