سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 16 مريض فوت، 583 نوان ڪيس ظاهر

0
303

ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 12376 نمونا چڪاسيا ويا، جن مان 583 نوان ڪيس ظاهر ٿيا جڏهن ته 16 مريض فوت ٿيا، اهڙي ريت فوتين جو انگ وڌي 5،236 ٿي ويو آهي. اڄ 831 وڌيڪ مريض صحتياب ٿيا، جنهن بعد وبا مان صحتياب ٿيندڙن جو ڪل انگ 299175 کي پهچي چڪو آهي.هن وقت 23176 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 651 مريضن جي حالت نازڪ ۽ 60 مريض وينٽيليٽرز تي آهن.