سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 15 ڄڻا فوت، 703 نوان ڪيس ظاهر

0
226
سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 15 ڄڻا فوت
سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 15 ڄڻا فوت، 703 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب وڌيڪ 15 ڄڻا فوت ٿي ويا، اهڙي ريت فوتين جو ڪل تعداد 7192 تي پهچي ويو آهي،

جڏهن ته 703 نوان ڪيس ظاهر ٿيا. اڄ وڌيڪ 6634 مريض صحتياب ٿيا. هن وقت 39014 مريض علاج هيٺ آهن. 38305 گھرن ۾ ، 35 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 674 مريض مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آھن.

جن مان 599 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻائي پئي وڃي. 49 مريض وينٽيليٽرز تي آھن.