سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 11 ڄڻا فوت، 782 نوان ڪيس ظاهر

0
312

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب صوبي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 11 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 782 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته صوبي ۾ هن وقت تائين ڪورونا جا ڪيس 293425 ٿي چڪا آهن، جڏهن ته فوتين جو ڪل انگ 4753 تائين پهچي ويو آهي. هن وقت 17962 مريض علاج هيٺ آهن، ڪورونا کان متاثر 655 مريضن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته 57 مريض وينٽيليٽر تي آهن.