سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 782 ڪيس ظاهر، 6 مريض فوت

0
195
سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ
سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 782 ڪيس ظاهر، 6 مريض فوت

ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 17774 نمونن جي چڪاس ڪئي وئي، جن مان وڌيڪ 782 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته 6 مريض فوت ٿي ويا.

اهڙي ريت فوتين جو ڪل انگ 7316 تي پهچي ويو آهي. اڄ وڌيڪ 339 مريض صحتياب ٿيا، جنهن بعد صحتمند ماڻھن جو ڪل تعداد 415466 تي پھچي ويو آھي. هن وقت 30328 مريض علاج هيٺ آهن.

29725 گھرن ۾ ، 38 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 565 مريض مختلف اسپتالن ۾ داخل آهن.508 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي ۽ 37 مريض وينٽيليٽر تي آھن.