سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 604 نوان ڪيس، 10 مريض فوت

0
336

ڪراچي: گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سنڌ ۾ ڪورونا جون 12782ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 604 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، جڏهن ته وڌيڪ 10 مريض فوت ٿي ويا. اهڙي ريت ڪورونا وگهي فوتين جو ڪل انگ 5،368 ٿي ويو آهي. اڄ وڌيڪ 501 مريض صحتياب ٿيا، جنهن بعد صحت مند ماڻھن جو ڪل تعداد 309070 تائين پھچي ويو آھي. هن وقت 19343 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 539 مريضن جي حالت نازڪ ۽ 57 مريض وينٽيليٽرز تي آهن.