سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 575 نوان ڪيس ظاهر، 20 مريض فوت

0
200

ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا وڌيڪ 575 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، 20 مريض فوت ٿي ويا. اهڙي ريت صوبي ۾ ڪورنا سبب فوتين جو انگ 5164 تي پهچي چڪو آهي. اڄ وبا مان وڌيڪ 743 وڌيڪ مريض صحتياب ٿيا، جنهن بعد صحتياب ماڻهن جو ڪل تعداد 296247 ٿي چڪو آهي. هن وقت 23682 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 776 مريضن جي حالت نازڪ ۽ 68 مريض وينٽيليٽرز تي آهن.