سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 1099 نوان ڪيس ظاهر، 22 مريض فوت

0
196

ڪراچي: گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سنڌ ۾ ڪورونا جا 1099 نوان ڪيس رپورٽ ڪيا ويا، جڏهن ته 22 مريض فوت ٿي ويا. اهڙي ريت فوتين جو انگ وڌي 4،988 ٿي ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب وبا مان وڌيڪ 708 مريض صحتياب ٿيا، صحتياب ٿيندڙن جو ڪل انگ 285403 تي پھچي چڪو آھي. هن وقت صوبي ۾ ڪورونا جا
23750 مريض علاج هيٺ آهن، گهرن ۾ 22759 ، آئسوليشن سينٽرن ۾ 22 ۽ مختلف اسپتالن ۾ 969 مريض داخل آهن، جن مان 909 مريضن جي حالت نازڪ جڏهن ته 71 مريض وينٽيليٽرز تي آهن. صوبي ۾ 1099 نون ڪيسن مان 561 ڪراچي جا آهن.