ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيني شهرين جي سيڪيورٽي بابت زونل ۽ ضلعي سطح تي سيڪيورٽي انتظامن جي هدايت ڪئي آهي، هن صوبي ۾ جاري ترقياتي رٿائڻ ۾ ڪم ڪندڙ چيني ماهرن ۽ اسٽاف جي فهرستن ۽ سيڪيورٽي پلان جو نئين سر جائزو ورتو وڃي، ايئرپورٽ تي موجود ڊيسڪ کي سندن ذميوارين بابت بريفنگ ڏني وڃي، فارينر سيڪيورٽي سيل جي ذميواري آهي ته اهو چينين جي آمد، روانگي ۽ سيڪيورٽي بابت لاڳاپيل پوليس سان رابطي ۾ رهي، چينين کي اسپانسر ڪندڙ ادارن ۽ ڪمپنين کي سندن سيڪيورٽي ۽ صوبي ۾ چرپر متعلق پوليس کي آگاهه ڪرڻ جو پابند بڻايو وڃي