هالاڻي/مٺياڻي/ڪلوئي (نمائندن وٽان) هالاڻي، مٺياڻي ۽ ڪلوئي ۾ رولو ڪتن 7 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، ڄڻا بيهوش، کين اسپتال منتقل ڪيو ويو. خبر موجب ھالاڻي ۽ ڀرپاسي ڇتن ۽ رولو ڪتن نينگر سميت 5 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو. ڇتن ۽ رولو ڪتن ڳوٺ الهه ڏنو جوڳي ۾ 2 سالن جي معصوم نينگري انيلا جوڳي کي منھن ۾ چڪ ھڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، ھالاڻي شھر ۾ ڪتن 65 سالن جي شوڪت سولنگي ۽ 60 سالن جي شبير ٻانڀڻ کي منھن ۾ چڪي زخمي ڪري ڇڏيو، جيڪي بيھوش ٿي ويا، جڏھن ته 30 سالن جي محبوب گاڏھي ۽ 28 سالن جي نديم راڄپر کي پڻ ڪتن چڪي زخمي ڪري ڇڏيو. مٺياڻي جي وارڊ پنج جي رهواسي عبدالجبار مشوري کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو. ڪلوئي ويجهو ڳوٺ شڪور آباد واسي 10سالن جي شاگرد زبير سمون کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو، زخمي نينگر جو والد گاڏي نـ ملڻ ڪري ڪلھي تي کڻي ڪوٽ ارباب مير محمد اسپتال آندو، جتي ڊاڪٽر ڊيوٽي تان غائب هو، بعد ۾ ماتحت عملي جي مشوري تي ڳوٺاڻو پنهنجي پٽ کي کڻي مٺي روانو ٿي ويو.