سنڌ ۾ ڪاپي ڪلچر جو خاتمو ڪيئن ممڪن بڻجندو؟

0
82
سنڌ ۾ ڪاپي ڪلچر جو خاتمو ڪيئن ممڪن بڻجندو؟

جيڪڏهن اوھين سنڌ جي اعليٰ تعليم تي سرسري نظر وجھندا ته اوھان کي خبر پوندي ته سنڌ ۾ نالي واريون يونيورسٽيون هينئر به موجود آهن، جيڪي پنهنجي ساک کي اڄ ڏينهن تائين برقرار رکنديون اچن ٿيون۔  جيئن سنڌ جون سرڪاري انجنيئرنگ، ميڊيڪل ۽ جنرل يونيورسٽيون اچي وڃن ٿيون، جتي سون ۽ ھزارن جي سيٽن تي پڙھڻ لاءِ لکن ۾ ماڻهو Apply ڪن ٿا۔  انهن سڀني Apply ڪندڙن جو تعلق سنڌ سان هوندو آهي، ڇو ته سنڌ جو ڊوميسائل داخلا لاءِ گھربل ھوندو آهي. جھڙي نموني انهن سنڌ جي نالي وارين يونيورسٽين ۾ ھر سال داخلا لاءِ ٽيسٽ ورتي ويندي آهي، اھڙي نموني انھن يونيورسٽين مان ھر سال سنڌ جا ماڻھو گولڊ ۽ سلور ميڊل سان نوازيا وڃن ٿا. جنهن بعد ڪي ته وڃي ولايت ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي وطن جو نالو روشن ڪن ٿا. ھاڻي جي ھڪ سروي ڪري انهن سڀني يونيورسٽين مان پوزيشن ماڻيندڙن جي لسٽ تيار ڪئي وڃي ته نتيجو اھو نڪرندو ته انهن ٽاپ تي ايندڙ سنڌي شاگردن اٺين کان ٻارھين تائين ڪاپيءَ جو سھارو ورتو. اتي سوال جنم وٺي ٿو ته ڇا ڪاپي کانسواءِ سنڌ جا شاگرد پاس نه ٿا ٿي سگهن؟ ته يقينن اھي شاگرد ڪاپي کانسواءِ پاس ٿي ٿا سگهن ۽ پوزيشنون به کڻي سگهن ٿا ته ٽاپ تي به اچي سگهن ٿا. جيئن ٻارھين ڪلاس کان بعد جا شاگرد يونيورسٽين ۾ وڃن ٿا. چار سال ڪاپي ڪلچر مان گذرندڙ شاگرد بغير ڪنهن رنڊڪ جي ڪاپي کان پاڪ ان يونيورسٽين جي نظام کي قبول ڪن ٿا ۽ ٻيھر پي ايڇ ڊي جي ڊگرين تائين ڪاپي جو سوچين به نه ٿا. اتي ڪجهه اڀرندڙ سوالن جا جواب ھن ريت آهن ته جيڪي نائين کان ٻارھين ڪلاسن جا شاگرد ڪاپي ڪن ٿا، انهن کي اھڙو ماحول ملي وڃي ٿو، جنهن سبب اھي شاگرد ڪنهن به صورت ۾ ڪاپي کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه ھوندا آهن. حقيقت ڪجهه ھن ريت ھوندي آهي ته  ڪنهن شاگرد کي نائين کان ٻارھين ڪلاس جي امتحاني سينٽرن ۾ ڪنھن به پرچي مان ڪو سوال ياد به ھوندو ته به ھو اھو سوال لکڻ لاءِ تيار نه ھوندو آهي. ان جي ذھن ۾ اھو ئي ھوندو آهي ته متان اھو سوال گھٽ يا غلط جملن تي مشتمل ھجي ۽ ان جو اثر نمبرن تي پوي. بلڪل ان جي برعڪس وري يونيورسٽين ۾ ٿئي ٿو، جتي اھڙي ئي قسم جي ڪنهن شاگرد کي ڪو سوال نه به ايندو آهي ته پوءِ به ھو غلط سلط ان سوال کي حل ڪري پنو ڀرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. جنهن مان اسين واضح  سمجهي سگھون ٿا ته اسان جي سنڌ جا ٻار بغير ڪاپي جي امتحان پاس ڪري سگهن ٿا. جي ائين آهي ته پوءِ ڪاپي ڪلچر جا ڪھڙا ڪارڻ آهن؟ ان جو جواب ڪجهه ھن ريت ٿيندو ته ھٿ سان ھتي ڪاپي ڪلچر  جو رجحان پيدا ڪيو وڃي ٿو. جتي نسل در نسل اسان جي مستقبل جي معمارن جي ذھين نشين اھا ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته بورڊ جا امتحان ڪاپي کانسواءِ ٿي ئي نه ٿا سگهن. جي ڪاپي ڪلچر معاملي کي باريڪ بيني سان ڏسجي ته خبر پوي ٿي ته ڪاپي ڪلچر کي ھٿي وٺرائڻ ۾ اسان جا استاد, اسان جا تعليمي بورڊ ۽ اسان جي تعليم کاتي جا اختيار ڌڻي پڻ برابر جا شريڪ آهن. نه صرف ايترو پر ان ۾ برابر جو ھٿ ضلعي انتظاميا جو پڻ آهي. ھن وقت سنڌ جي حالت اھا آهي جو اگر اوھين ڪنهن رڪشي هلائيندڙ ۽ سنڌ مان پڙھي ٻاھرئين ملڪ ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري وٺندڙ کان پڇندئو ته اھي چوندا ته اسان نائين کان ٻارھين ڪلاس تائين جي پيپرن ۾ ڪاپي ڪئي آهي. تازو IBA جي معرفت ڀرتي ٿيندڙ استادن ۽ ان ٽيسٽ ۾ ٽاپ ڪندڙن کان پڇا ڪندو ته انهن جو به اھو ئي جواب ھوندو ته ڪاپي ڪري بورڊ جا امتحان ڏنا آهن. ھاڻي سوال اھو ٿو اٿي ته ڇا سنڌ جا ماڻھو ڪاپي کانسواءِ  پاس نٿا ٿي سگھن؟ سنڌ جا شاگرد بورڊ جي امتحانن ۾ ڪاپي کانسواءِ پاس به ٿي سگهن ٿا ته ٽاپ به ڪري سگهن ٿا ۽ پوزيشنون به کڻي سگهن ٿا. ان شرط سان ته اسان جي مستقبل جي معمارن کي اھڙو ماحول مھيا ڪيو وڃي. رھي ڳالهه ڪاپي کان پاڪ ماحول مھيا ڪرڻ جي ته اوھان اڪثر ٻڌو ھوندو ته شاگردن جون دانهون ڪجهه ھن ريت ھونديون آهن؛ فلان سينٽر شھر کان پري آهي، اتي ٽيم وارا وڃن ئي نه ٿا. يا سڄي خلق ڪاپي ڪري ٿي، اسان واري سينٽر تي ويجيلنس ٽيم وارا سختي ڪريو ويٺا آهن. مطلب ھاڻي اسان جا شاگرد ڪاپي کي به حق ڪري ڄاڻن ٿا. ڪجهه عرصو اڳ جڏهن سيد اعجاز شاھ ضلعي گھوٽڪي  جو ڊي سي ھو ته ان وقت ان سڄي ضلعي ۾ ڪاپي کي روڪڻ لاءِ جوڳو بندوبست ڪيو ھو. مڪمل ته نه روڪي سگھيو ھو پر پوءِ به DC صاحب ھڪ کليل حال ۾ شاگردن کي ويھاري امتحاني سينٽر گھٽائي ۽ مخصوص سينٽرن تي پنهنجي سخت نگراني رکي هئي. ان مھل اسان به بورڊ جي مرحلن ۾ هئاسين. جتي اسان اڪثر شاگردن کان اھو ٻڌو ھو ته ٻين ضلعن وارا ٽاپ ڪندا، سکر بورڊ ۾ ضلعي گھوٽڪي جي شاگردن کي D ۽ E گريڊ ۾ رکيو ويندو، جيڪا اسان سان سراسر نا انصافي آهي. سڄي سنڌ ۾ ڪاپي ھلي ٿي، اسان ڇو نه ڪريون؟ اسين مٿي ذڪر ڪري آيا آھيون ته سنڌ جا شاگرد ڪاپي کانسواءِ امتحان پاس ڪري سگھن ٿا، پر ان شرط سان ته انهن کي اھڙو ماحول مھيا ڪيو وڃي. آخر ۾ اسين سنڌ جي سڀني استادن، بورڊ انتظاميا ۽ تعليم کاتي جي وس وارن سميت سڀني کان اھو اھو سوال ڪريون ٿا ته سنڌ جي تعليم کي ڪاپي کان پاڪ ماحول ڇو نٿو مھيا ڪيو وڃي؟ اسان تيز رفتار جديد دور سان ڪيئن گڏ هلي سگهنداسين؟