سنڌ ۾ کدڙن فقيرن جو انگ 35 سيڪڙو گهٽجي ويو

0
334

سنڌ ۾ کدڙن فقيرن جو انگ 35 سيڪڙو گهٽجي ويو آهي، نئين ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ ۾ کدڙن فقيرن جو انگ 3 هزار 871 ظاهر ٿيو آهي جڏهن ته 2017ع جي آدمشماري ۾ اهو انگ 5 هزار 954 هو يعني 2083 انگ گهٽجي ويو آهي

ڪراچي ۾ 6سالن دوران 66 کدڙن فقيرن جو انگ وڌيو آهي، باقي سنڌ ٻهراڙي ۾ کدڙن فقيرن جو انگ گهٽجي ويو آهي

 نئين آدمشماري ۾ ڪراچي ۾ کدڙن فقيرن جو انگ 2 هزار 289 رڪارڊ ڪيو ويو آهي جيڪو 2017ع جي آدمشماري ۾ 2 هزار 223 هو

حيدرآباد ۾ به کدڙن فقيرن جو انگ گهٽجي ويو آهي، 2017ع ۾ انگ 1277 هو جيڪو 2023ع جي آدمشماري ۾ گهٽجي 570 ٿي ويو آهي

لاڙڪاڻي ۾ کدڙن فقيرن جو انگ 849ع مان گهٽجي 310 ٿي ويو آهي، سکر ۾ کدڙن فقيرن جو انگ 2017ع ۾ 433 هو جيڪو نئين آدمشماري ۾ 280 ٿي ويو آهي

شهيد بينظير آباد ۾ 2017ع ۾ کدڙن فقيرن جو انگ 635 هو جيڪو هاڻ 284 ٿي ويو آهي،2017ع ۾ ميرپورخاص ۾ کدڙن فقيرن جو انگ 517 هو جيڪو 2023ع ۾ گهٽجي 138 ٿي ويو آهي