حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ينگ ڊاڪٽرس ايسوسيئيشن لمس جي صدر ڊاڪٽر روشن چانڊيو پريس ڪلب ۾ ڊاڪٽر صدام رند، ڊاڪٽر ڪاشف شر، ڊاڪٽر راڻا اشفاق، ڊاڪٽر سليم گهوٽو، ڊاڪٽر زين خاصخيلي ۽ ڊاڪٽر فيضان ميمڻ گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ ۾ ڊينٽل ڊاڪٽرز جون سموريون پوسٽون ظاهر ڪري کين روزگار لاءِ موقعا فراهم ڪيا وڃن. هنن چيو ته سنڌ حڪومت 14 سالن ۾ رڳو 385 ڊينٽل ڊاڪٽرس جو پوسٽون ظاهر ڪيون آهن جڏهن ته ڊبليو ايڇ او پاران ڄاڻايو ويو آهي ته 10 هزار ماڻهن تي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڊينٽل ڊاڪٽر هئڻ ضروري آهي. هن چيو ته 2008ع کان 2022ع تائين صحت کاتي سنڌ ۾ 385 ڊينٽل ڊاڪٽرز ڀرتي ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو پر هلندڙ سال وري رڳو 50 ڊينٽل ڊاڪٽرز ڀرتي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڊينٽل ڊاڪٽر جي ڊگري حاصل ڪندڙ نوجوانن سان مذاق ڪيو ويو آهي ڇاڪاڻ ته ڄاڻايل ڀرتين ۾ به ميل، فيميل، معذور ۽ اقليتي ڪوٽا کي شامل ڪيو ويو آهي جيڪڏهن ڪوٽا تحت ڀرتي ٿي ته ميرٽ تي گهڻن ڊاڪٽرن کي ملازمت ملي سگهندي. سنڌ ۾ هر سال خانگي توڙي سرڪاري تعليمي ادارن مان 1250 ڊينٽل ڊاڪٽر پاس آئوٽ ٿين ٿا ۽ هيستائين 17 سئو ڊاڪٽر گريجوئيٽ بڻجي چڪا آهن پر کين ملازمت سميت ترقي لاءِ ڪو به موقعو فراهم ئي ناهي ڪيو ويو. سنڌ ۾ ڊينٽل ڊاڪٽرن جي صورتحال تمام گهڻي خراب آهي جنهن ڪري ٽيڪنيشن جي ملڪيت هيٺ ڊينٽل ڪلينيڪن تي هو 15 هزار رپين ۾ ڪم پيا ڪن. هن چيو ته ميڊيڪل ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان هيٺين ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن جو اولاد ڊينٽل سرجن پاس آئوٽ ٿئي ٿو پر حڪومت وٽ کيس ڏيڻ لاءِ نوڪري توڙي ٻيو روزگار ئي نه آهي. هن مطالبو ڪيو ته سنڌ سرڪار توڙي صحت کاتو ڊينٽل شعبي تي توجهه ڏي ته جيئن ڊاڪٽرن کي مستقل بنيادن تي روزگار فراهم ٿي سگهي.