سنڌ ۾ ڊينگي جا وڌيڪ 323 ڪيس رپورٽ

0
195
سنڌ ۾ ڊينگي جا وڌيڪ 323 ڪيس رپورٽ

ڪراچي: سنڌ ۾ ڊينگي ڪيسن تي ضابطو نه آيو، 24 ڪلاڪن اندر صوبي ۾ 323 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن

صحت کاتي جي اختيارين جي پڌرائي موجب ڪراچي ۾ 261، حيدرآباد ۾ 46، ميرپورخاص 5 ۽ شهيد بينظير آباد ۾ ڊينگي جا 3 ڪيس ظاهر ٿيا آهن

مٽياري، ڄامشورو، ٽنڊو الهيار ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ ڊينگي جو هڪ هڪ ڪيس ظاهر ٿيو آهي، جڏهن ته عمرڪوٽ ۾ 2 ڪيسن جي تصديق ٿي آهي
صحت کاتي موجب صوبي ۾ هلندڙ مهيني ڊينگي ڪيسن جو انگ 3917 ٿي ويو، هلندڙ سال صوبي اندر ڊينگي جا 6486 ڪيس ظاهر ٿيا آهن

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ مليريا ۽ گئسٽرو سوڌو ٻين وبائن وڌيڪ 22 حياتيون کسي ورتيون