سنڌ ۾ چوماسي جي برسات جي ٽئين اسپيل ڪيترائي علائقا ٻوڙي ڇڏيا

0
270
سنڌ ۾ چوماسي جي
سنڌ ۾ چوماسي جي برسات جي ٽئين اسپيل ڪيترائي علائقا ٻوڙي ڇڏيا

ڪراچي: سنڌ ۾ چوماسي جي برسات جي ٽئين اسپيل ڪيترائي علائقا ٻوڙي ڇڏيا آھن، ڪراچي ۾ سڄي رات ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جاري آھي، لاڙڪاڻو ۾ گجگوڙ سان وسڪاري دوران مُک رستا ٻُڏي ويا

چانڊڪا اسپتال جي سٽي بلاڪ ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آھي، مختلف وارڊز اڳيان پاڻي جا تلاءُ ٺهي ويا، مورو، قاضي احمد، ڪچي پُل ۽ ڪرونڊي ۾ برساتي پاڻي بيهجي ويو

دادو جي مختلف علائقن ۾ تيز هوا سان برسات دوران ڇپرا ڪري پيا، مختلف پاڙن ۾ ڏيڍ فُٽ پاڻي بيٺل، ڪشمور، فيض گنج، ڪنڊيارو، ماتلي، دوڙ، بخشاپور، ٽنڊو ڄام، شهدادپور، ڄام صاحب، واهي پانڌي، ٻانڌي ۽ ڀرپاسي تيز وسڪارو جاري آھي

 ڀان سيد آباد لڳ برسات دوران گهر جي ڀِت ڪرڻ سبب 13 سالن جي نگينا برهماڻي دٻجي فوت، موري لڳ ڳوٺ نهال خان ۾ برسات دوران گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب عالم بهراڻي دٻجي فوت، سندس 2 پُٽ زخمي  ٿي پيا