سنڌ ۾ پ پ خلاف ڪيترائي اتحاد آيا ۽ ويا، سنڌ جَي عوام پ پ جو ساٿ ڏنو:وڏو وزير

0
460
پ پ خلاف اتحاد

ڀان سيد آباد (ن پ ا) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آھي تھ سنڌ ۾ پ پ خلاف ڪيترائي اتحاد آيا ۽ ويا، سنڌ جَي عوام پ پ جو ساٿ ڏنو، وڏي وزير مراد علي شاهه ۾ ڀان سيد آباد ڀرسان اباڻي ڳوٺ واهڙ ۾ عيد نماز بعد ميڊيا سان ڳالهيون ڪيون، وڏي وزير چيو ته ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جو اختيار سنڌ سرڪار وٽ آهي، گورنر سوڌو پي ٽي آءِ کي اعتراض جو ڪو حق ناهي، جنهن کي جيڪو آئيني اختيار مليل آهي، اُهو استعمال ڪري، آئين ۽ قانوني حق کي نظر ۾ رکندي ايڊمنسٽريٽر مقرري تي اعتراض ڪرڻ گهرجي، عيد تي غريبن کي به ياد رکڻ گهرجي، ڪورونا کان بچڻ لاءِ ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي..