سنڌ ۾ پٿرن جي ڪرشنگ وارن سمورن پلانٽس جي پرمٽ ختم ڪرڻ جو حڪم

0
211

سکر: سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ماحول دشمن سرگرمين خلاف تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، سنڌ ۾ پٿر جي ڪريشنگ ۾ وڏي پئماني تي بي ضابطگين ۽ 150 کان وڌيڪ پٿر ڪرشنگ پلانٽس جون قانوني گهرجون پوريون نه هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. اهو به سامهون آيو ته پابندي جي باوجود قومي شاهراهه ۽ آباديءَ جي وچ ۾ ڪرشنگ پلانٽ لڳايا ويا آهن، ڪرشنگ دوران مٽي ڌوڙ کي جذب ڪرڻ لاءِ ڊسڪ مشين سکر ۾ موجود ناهي. عدالت خيرپور ۾ قائم ڪرشنگ پلانٽ جي پرمٽ ختم ڪندي 15 ڏينهن اندر مشينري ختم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، ڪورٽ پوري سنڌ ۾ پٿر ٺاهڻ وارن سڀني پلانٽس جا پرمٽ ختم ڪري ڇڏيا ، معدني وسيلن واري کاتي کي حڪم ڏنو ويو آهي ته سمورن پلانٽس جي ٻيهر نيلام جو حڪم ڏئي ڇڏيو . جسٽس فهيم صديقي رمارڪس ڏنا ته ماحولياتي ايڪٽ تي پورو نه لهندڙ ڪمپنين کي لائسنس نه ڏنا وڃن، معدني وسيلن وارو کاتو روينيو کاتي سان گڏجي ڪرشنگ لاءِ الاٽمينٽ واري زمين جو تعين ڪري.