سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ان جو حل

0
154
رهجي ويل ڪجهه ڳالهيون

 سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي جنهن جو مقدار اڳي کان وڌيڪ آهي. اچو ته انهي جي سببن بابت ۽ ان جي حل جا امڪان ڏسون.

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جا سبب:

 سبب آهن منگلا ۽ تربيلا ڊيم جو ڊيڊ ليول تي پهچڻ، برساتن جو نه پوڻ ۽ گرمي جو پد نه وڌڻ. گذريل ٽن مهينن کان تربيلا ۽ منگلا ڊيم ڊيڊ ذري گهٽ ڊيڊ ليول تي پهتل آهن، برساتون نه پيون آهن ۽ گرمي پد نه وڌيو آهي، ته جبلن تي پيل برف رجي ۽ گليشيئرن تان برف رجي. اهي اهڙا سبب آهن جن جو حل ممڪن ئي ناهي. معنيٰ اسان کي سهڻو آهي.

  ٻيو سبب موسمن ۾ ڦير گهير به آهي. جنهن ڪري پاڪسان ۾ drought  جي situation  آهي. انهي ۾ ٻه ڳالهيون اهم آهن هڪڙي اها ته اسان گرين هائوس گيسن جو مقدار گهٽايون جنهن کي انگريزي ۾ mitigation  چيو وڃي ٿو. ۽ ٻيو اهو ته اسان وڌيل گرمي پد تي پاڻ کي هيرايون جنهن کي انگريزي ۾ adaptaion چيو وڃي ٿو.

پاڻي کوٽ جو حل:

                 مٿين سببن ۾ اسان ڪجهه نٿا ڪري سگهون. ڊيمن ۾ پاڻي ڊيڊ ليول تي پهتل آهي، برساتون نه پيون آهن گرمي پد به نه وڌيو آهي ۽ موسمي ڦير گهير ۾ اسان ڇا ڪريون؟

پر ايئن ڇو ٿو ٿئي؟ ارسا صوبن ۾ پاڻي ورهاست ٽي سطحي فارمولي تحت ڪري ٿي. انهي مقصد لاءِ هنن خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان صوبن کي کوٽ کان آجو ڪري ڇڏيو آهي. معنيٰ هو کوٽ ۾ حصو نه وٺندا ۽ ٺاهه ۾ ڏنل ڏهاڪن مطابق پاڻي کڻندا. ارسا اهو غلط ٿي ڪري پر ارسا ايڪٽ ۾ آهي ته هو اڪثريت جي بنياد تي فيصلو ڪري سگهن ٿا. ڪل ميمبر ارسا ۾ پنج آهن. پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جڏهن هڪڙي پاسي ٿين ٿا ته هنن کي اڪثريت حاصل ٿئي ٿي ۽ هو جيڪو چاهين فيصلو ڪري سگهن ٿا. پر انهي جو ڪو حل ٿيڻ کپي.

گڏيل مفادن واري ڪائونسل:

انهي مقصد لاءِ council of common interest ٺهيل آهي پر انهي لاءِ شرط اهو آهي ته هرڪو ميمبر يا واپڊا وارا لکت ۾ انهي ڪائونسل کي لکي ڏين ته اسان جو هي اعتراض آهي. مان جيڪا جاچ ڪئي آهي ته اڃا تائين سنڌ سرڪار لکت ۾ پنهنجو اعتراض لکي نه ڏنو آهي پوءِ ڪيئن فيصلو ٿئي؟

وري ڪائونسل ۾ به اٺ ميمبر آهن جن جو چيئرمين وزيراعظم پاڪستان آهي. اهو هينئر شهباز شريف آهي، جنهن جي ڀاءُ نواز شريف ٺاهه ڪرايو هو. معنيٰ 1991ع وارو ٺاهه. شهباز شريف جو تعلق پنجاب صوبي سان آهي، اهو پنجاب وارن کي favour ڪندو ۽ تنهن ڪري ٺاهه نه ٿي سگهندو. انهي کان مٿي فورم آهي جوائنٽ سيشن آف پارليامنٽ. جنهن ۾ به اڪثريت ووٽ سان فيصلو ٿيندو. اڪثريت پنجاب صوبي جي آهي جو جنهن جي ماڻهن جو انگ سڀني صوبن کان وڌيڪ آهي. پوءِ ڪهڙو فيصلو ٿيندو؟

سنڌ کي ڇا ڪرڻ کپي؟

سنڌ کي ڪوشش ڪرڻ کپي ته پاڻي بچايون. پاڻي سنڌ ۾ ٽن طريقن سان ضايع ٿئي ٿو. هڪڙو انهي نموني ۾ ته واهه ڪچا آهن جن مان سيمو ٿئي ٿو. اسان انهن واهن کي پڪو ڪريون، جن مان سيمو ٿئي ٿو. ٻيو سبب آهي ڪڙيا يا water course انهن کي به پڪو ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٽيون سبب آهي زمينون سنوت ۾ ناهن. انهن کي سنوت ۾ آڻجي ته پاڻي ضايع ٿيڻ کان بچي. پر انهن طريقن سان پاڻي ته بچندو پر سڄو خرچ سنڌ صوبي کي ڪرڻو پوندو جيڪو ڪم ڏکيو آهي.

پوءِ ڇا ڪريون؟

جڏهن ڪا شيءَ ممڪن ناهي هوندي ته ماڻهن کي اها شيءَ برداشت ڪرڻي پوندي آهي. اسان کي به اهو سهڻو پوندو. جڏهن وونئڻ پوکڻ جي مند هوندي ته اسان ڏسون ته پاڻي گهڻو آهي جنهن مطابق وونئڻ پوکيون.

ڪجهه وقت اڳ پنهنجي اخبار ۾ انجنيئر اوڀايو خشڪ ٻه مضمون لکيا، جن جو عنوان هو منهنجي سنڌو درياهه کي بچايو ۽ سنڌو کي زندهه رهڻ ڏيو. پهريون مضمون پنهنجي اخبار ۾ 10-04-2022 تي ڇپيو ۽ ٻيو 22-04-2022 تي ڇپيو. انهن ٻنهي مضمونن ۾ موصوف پاڻي بابت سنڌو جي ڊيلٽا کي بچائڻ جي ڳالهه ڪئي، جنهن ۾ هن ٻڌايو ته سنڌو جي ڊيلٽا کي بچائڻ لاءِ هيٺيان ڪم ڪرڻ کپن:-

اڄ جڏهن دنيا انڊس ڊيلٽا کي بچائڻ لاءِ پريشان آهي ته ان وقت اسان جا ماهر سنڌو درياهه تي ڀاشا ڊيم ٺاهڻ جي ڳالهه ڪن ٿا. ڀاشا ڊيم جي مخالفت رڳو سنڌ صوبو نٿو ڪري پر لداخ جي ٻڏڻ خلاف پڻ ان خلاف احتجاج ڪيو آهي. وري هو وڌيڪ لکي ٿو ته: سنڌو درياهه کي زنده رکڻ ۽ انڊس ڊيلٽا جي تباهي کي روڪڻ لاءِ ضروري آهي ته سنڌو درياهه ۽ ان جي ڀرتو ندين تي ڪو به نئون ڊيم نه ٺاهيو وڃي ۽ سنڌو درياهه کي آزاد وهڻ ڏنو وڃي. سنڌ ۾ ايندڙ وقت ۾ پاڻي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ مٿي ڄاڻايل اپاءُ فوري طور ورتا وڃن.

ادا اهي سڀ ڳالهيون برابر آهن. پر ڀاشا ڊيم ڇو نه ٺاهڻ ڏنو وڃي؟ هڪ ته هي متبادل replacement ڊيم آهي ۽ 2017ع جي سروي مطابق تربيلا ڊيم 40 سيڪڙو لٽجي ويو آهي. پوءِ هي ڊيم ڇو نه ٺاهيو وڃي. مان نئون ڊيم ٺاهڻ جو مخالف آهيان پر هي انهي ڪري ٺاهيو وڃي ٿو ته تربيلا ڊيم لٽجي پيو. ٻيو انڊس ڊيلٽا کي جيارڻ لاءِ جيڪو پاڻي کپي سو ماهرن مطابق هر روز 5000 ڪيوسڪ ۽ هر پنجن سالن ۾ 25 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي کپي. سنڌ سرڪار کي کپي ته انهي سلسلي ۾ وفاقي حڪومت تي زور ڀري ته هر سال 8.6 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڪوٽڙي کان ڇڏيو وڃي. جي ايئن نه ڪيو ويو ته  انڊس ڊيلٽا ختم ٿي ويندو.

پر اسان الله مان آسرو نه لاهيون. هو سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو. هو برساتون به موڪلي سگهي ٿو، گرمي پد به وڌائي سگهي ٿو ته جبلن تان برف رجي ۽ گليشيئرن تان به پاڻي اچي سگهي.

آسرو م لاهيج، سڄڻ ٻاجهارو گهڻو

شاهه لطيف