سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، مظاھرا: صوبن کي پاڻي جي فراهمي وڌيڪ گهٽجي سگهي ٿي: ارسا ترجمان

0
181
ارسا چولستان جي 6 لک ايڪڙ ڀڙڀانگ زمين آباد ڪرڻ لاءِ تڪراري ڪئنال جي منظوري ڏئي ڇڏي: سنڌ جو احتجاج
ارسا چولستان جي 6 لک ايڪڙ ڀڙڀانگ زمين آباد ڪرڻ لاءِ تڪراري ڪئنال جي منظوري ڏئي ڇڏي: سنڌ جو احتجاج

ڪراچي: ملڪ ۾ پاڻي کوٽ جي ڀوانئتي صورتحال، ارسا سنڌ ۽ پنجاب جي حصي ۾ وڌيڪ 27 سيڪڙو ڪٽوتي ڪري ڇڏي، ارسا ترجمان جو چوڻ آهي ته تربيلا 48 ڪلاڪن ۾1379 فُٽ يعني ڊيڊ ليول تي پهچي ويندو

نتيجي ۾ صوبن کي پاڻي جي فراهمي وڌيڪ گهٽجي سگهي ٿي، درياهن جي ڪئچمينٽ ايريا ۾ٽيمپريچر ۾ رڪارڊ گهٽتائي ٿي آهي، اُن سان پاڻي وهڪرن ۾ 21 سيڪڙو يعني 44 هزار ڪيوسڪ گهٽتائي ٿي وئي آهي

 پاڻي وهڪرن ۾ گهٽتائي سبب تڪراري چشما جهلم ۽ تونسا پنجند ڪئنالز مان پاڻي جي کڻڻت به گهٽائي وئي آھي، ٻئي پاسي سنڌ ۾ پاڻي جي سنگين بحران سبب فصل سُڪي ويا، زرعي زمينون بنجر ٿيڻ جي نتيجي ۾ آبادگارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا

ڄامشورو ۾ سياسي سماجي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي جو حيدرآباد تائين پيادل مارچ ڪيوويو، عورتن ۽ ٻارن جو وڏو انگ مارچ ۾ شريڪ، گُپچاڻي ۽ ڄام نواز علي ۾ پاڻي جي اڻهوند خلاف آبادگار رستن تي نڪري آيا

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ پاڻي بحران جون ذميوار وفاق ۽ صوبائي حڪومت آهن، صوبي جي شاخن ۽ واهن جو پاڻي وڪرو ڪري پڇڙي جي آبادگارن کي پريشان ڪيو پيو وڃي، هاڻي ته ماڻهو ۽ مال به پاڻي لاءِ پريشان آهن، شاخن ۽ واهن ۾ حصي جو پاڻي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ پاڻي کوٽ 47 سيڪڙو ٿي وئي