سکر: وفاقي سرڪار پاران پاڻي کوٽ بابت جوڙيل واٽر ڪميٽي جي ميمبر خالد مگسي چيو آھي تھ پنجاب مان ڇڏيل پاڻي سنڌ ۾ پهچڻ کانپوءِ گهٽجي ٿو وڃي

وفاقي حڪومت پاران ملڪ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جو جائزو وٺڻ لاءِ جوڙيل واٽر ڪميٽي سکر بيراج جو دورو  ڪيو آھي، ڪميٽي پاڻيءَ جي کوٽ واري صورتحال جو جائزو ورتو

واٽر ڪميٽي ۾ ارسا ميمبر مهرعلي شاهه، وفاقي نمائندو رياض الحق، بلوچستان پاڻي ڪميٽي جو ميمبر خالد مگسي به  شامل، خالد مگسي چيو ته ڪميٽي کي ڏسڻو پوندو  ته چشما جهلم ڪئنال کي ڇو کوليو ويو آهي

وفاق جي نمائندي رياض الحق چيو ته سنڌ جو پنجاب تي پاڻي چوريءَ جو الزام درست ناهي، چشما جهلم لنڪ ڪئنال مان پنجاب رڳو پنهنجي حصي جو پاڻي کڻي رهيو آهي، پاڻي کوٽ واري هاڻوڪي صورتحال 3 درياهه ڀارت کي وڪرو ڪرڻ سبب پيدا ٿي آهي