سنڌ ۾ ٽيڪسي سروس به آڻڻ جو اعلان: سياستدانن جا جهاز ڀري پي ٽي آءِ کي ڏنا ويا هئا: شرجيل ميمڻ

0
309
سنڌ سرڪار جو صوبي ۾ اڄ کان منشيات فروشن خلاف وڏي ڪريڪ ڊائون جو اعلان
سنڌ سرڪار جو صوبي ۾ اڄ کان منشيات فروشن خلاف وڏي ڪريڪ ڊائون جو اعلان

سنڌ سرڪار پيپلز بسزکانپوءِ ٽيڪسي سروس به آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، سڌ سماءُ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ پريس ڪانفرنس چيو ته سنڌ جي ماڻهن لاءِ خوشخبري آهي سنڌ سرڪار پاران ٽرانسپورٽ ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته پهريان بس سروس شروع ڪئي هئي ۽ هاڻ ٽيڪسي سروس شروع ڪري رهيا آهيون

ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گرين، ريڊ ۽ اليڪٽرڪ بسون آنديون ويون آهن، روز بسن جو اضافو ٿي رهيو آهي مئي جي آخر ۽ جون ۾ به نيون بسون آنديون وينديون

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان ۾ ڪٿي به ٽيڪسيون نٿيون هلن اسان سنڌ ۾ ٽيڪسيون شروع ڪري رهيا آهيون سنڌ سرڪار ٽيڪسي سروس شروع ڪري رهي آهي جنهن سان عام ماڻهن ۽ نوجوانن کي روزگار ملندو

عمران خان تي تنقيد ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته خان صاحب اوهان جبري عليحدگي جي ڳالهه ڪريو ٿا اسان جبري شموليت ڏٺي آهي، عمران خان پاڻ جبري ليڊر ٿيو هو سياستدانن جا جهاز ڀري پي ٽي آءِ کي ڏنا ويا هئا

عوام اهو ناهي وساريو ته عمران کي مصنوعي سياستدان بڻايو ويو، 9 مئي تي پي ٽي آءِ جي جٿن تباهي ڪئي، ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ نه ڏينداسين

هي به پڙهندا

نيب عمران خان خلاف 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ۾ جاچ جو عمل تيز ڪري ڇڏيو