ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪراچي ۾ ٻئي  ڏينهن به زوردار وسڪارو ٿيو، صدر، آءِ آءِ چندريگر روڊ، ٽاور، مارڪيٽ، لياري، نيو ڪراچي، گلشن اقبال، گلستان جوھر، ٔڊفينس ۽ ڪلفٽن ۾ منجھند ڌاري تيز برسات جو وسڪارو ٿيو، هوڏانهن موسميات کاتي موجب ٿرپارڪر، ميرپور خاص، عمرڪوٽ،  بدين، سجاول، ٺٽي،   مٽياري  ۽  ڄامشوري ۾ ايندڙ ٻن ڏينهن تائين برسات جاري رھندي. ٽنڊوغلام حيدر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گجگوڙ سان زوردار برسات بعد هيٺائين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا ۽ برسات متاثرين جا اهنج ٻيڻا ٿي ويا آهن. سيراڻي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڀڳڙاميمڻ،دودو سومرو، ٻھڊمي، بخشو ديرو، شيخاڻي گهاڙي، لاکو پير، پير فتح شاھ، احمد راڄو، گرهيڙي، شيخ ڪرهيو ڀانڍاري، ڪاڏي قاضيه ۽ آس پاس ۾ گجگوڙ سان زودار برسات جو وسڪارو ٿيو آهي. جوهي ۾ تيز هوا ۽ برسات سبب تعلقي جي بجلي فراهمي جو مين لائين ڪي وي 132 ڳوٺ غلام حسين گاڏھي وٽ ٻوڏ واري پاڻي ۾ ڪري پيا جنهن سبب ٻه گريڊ اسٽيشن ۽ اٺ بجلي جا فيڊر بند ٿي ويا  جوهي شھر ۽ ڪاڇي سميت ٽي لک آبادي جا سوين ڳوٺ بجلي کان محروم ٿي ويا .ڀٽ شاھ ۾ تيز ھوا سان برسات جو وسڪارو شروع ٿي ويو تيز ھوا سبب درگاھ ۽ ٻين مختلف ھنڌن تي ميلي جا لڳل شاميانا به ڊھي پٽ ٿي ويا برسات جي وسڪاري بعد بجلي غائب ٿي وئي .مسڻ وڏي ۽ ڀرپاسي ۾ ٻه ڀيرا مٽي جي تيز هوائن سان طوفان برسات سبب بي گهر ٿيلن جي اھنجن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو هڪ ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا تيز مٽي جي طوفاني هوائن سبب بي گهر ٿيلن جون عارضي جڳهيون به اڏامي ويون بجلي جون تارون ٽٽڻ سان گڏ مختلف علائقن ۾ بجلي ٿنڀا به ڪري پيا جنهن سبب بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو.  ڪڙيوگهنور ٻئي ڏينهن به برسات جو وسڪارو جاري  رهيو، موسم خوشگوار ٿي ويئي . غلام شاهه موري شهرجي مين بازار۾ بجلي  جو پول ڪري پيو بجلي جو11هزار جو تارو  روڊ تي پاڻي ۾ پيل شھري خوف ۾وٺجي ويا،  ڪو به جاني نقصان نه ٿيو . راڄوخاناڻي شھر ۽ آس پاس جي علائقن ۾ چوٿين ڏينھن به  تيز طوفاني برسات شروع ٿي وئي جنھن سبب ڪکاون گھرن کي ڪافي نقصان پهتو. کپرو ۾ برسات سبب مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو .   ڄام صاحب شھر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز برسات پوڻ ڪري شھر جا روڊ رستا برساتي پاڻي ھيٺ اچي ويا.  گپچاڻي ۽ ڀرپاسي ۾ تيز ھواسان گڏ برسات پئي.سرهاري ۽ ڀرپاسي برسات جو وسڪارو ٿيو.ورڪشاپ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ طوفاني برسات جو وسڪارو ٿيو . شاهپورچاڪر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز مٽي جي طوفان سان گڏ برسات پئي. کپرو ۾ تيز هوا سان گڏ برسات بعد کپرو سٽي سميت علائقن جا 50 کانوڌيڪ بجلي جا پول ڪري پوڻ سبب کپرو شھر سميت ڀرپاسي جي بجلي بند ٿي وئي.