ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي ٽئين ڏينهن به برسات پئي، ڪاڇي ۾ نئيون وهي اچڻ سبب ڳوٺن جو شهرن سان رابطو ڪٽيل، ٿر ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب ڳوٺاڻي جون 5  ٻڪريون مري ويون، بدين ۽ آس پاس وارن علائقن ڪڍڻ، لنواري شريف، نندو ۾ وسڪارو ٿيو، جنهن بعد بجلي جو نظام ڊانوانڊول ٿي ويو، سيراڻي شهر ۽ ڀرپاسي وارن ۾ علائقن ڀڳڙا ميمڻ، دودو سومرو، ٻهڊمي، ولاسو، بخشو ديرو، شيخاڻي گهاڙي، لاکو پير، پير فتح شاهه، احمد راڄو، گرهيڙي ۾ گجگوڙ ۽ تيز هوا سان زوردار برسات جو وسڪارو ٿيو، ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ مجيد ڏانڀاريو ۾ گذريل رات دير سان آسماني وڄ ڪرڻ سبب حسين راهمون جون 5 ٻڪريون مري ويون، کير ٿر جي جابلو پٽي ۾ تيز برسات پئي، جنهن کان پوءِ نئين گاج سميت ڪاڇي اندر مختلف نيون وهي آيون آهن، جنهن ڪري چئن يونين ڪائونسل ڇني، ٽنڊو رحيم خان، ساوڙو ۽ شاهه حسن جي ٻه سئو ڳوٺن جو جوهي، دادو، ڀان سميت ٻين شهرن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آھي، علائقي واسي هزارين ماڻهو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، مٽياري ضلعي جي شهرن کيبر، سيکاٽ، اڏيرو، کنڊو، شير محمد ٺوڙھا ۾ وڏي ڳڙي سان برسات پئي.