سنڌ ۾ ٽئلينٽ آهي پر گرائونڊز گهٽ آهن: اظهر پنهيار

0
478

خانواهڻ(ڳالهه ٻولهه: وقار لوچي) خانواهڻ سان واسطو رکندڙ ڪرڪيٽر اظهر پنهيار عرف موٽو پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ جي نوجوانن ۾ تمام گهڻو ٽيلينٽ آهي، پر گرائونڊز گهٽ آهن. هن چيو ته پي سي بي سنڌ جي نوجوانن لاءِ مختلف شهرن ۾ گرائونڊ وڌائي سهولتون ڏئي. هن ٻڌايو ته مون ڪرڪيٽ جي شروعات خانواهڻ کان ڪئي، جنهن کان پوءِ خان ڪرڪيٽ ڪلب ڪنڊيارو طرفان کيڏڻ شروع ڪيو، ملڪ جي مڙني صوبن ۾ پنهنجي پرفارمنس پيش ڪئي، ڪيريئر ۾ 30 کان وڌيڪ سينچريز ۽ 50 کان وڌيڪ ففٽيون شامل آهن، کيس قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽار ڪرڪٽرن، جن ۾ شرجيل خان ۽ رومان رئيس خلاف به بهترين آل رائوندنگ پرفارمنس ڏني، آل رائونڊنگ پرفارمنس سبب اظهر پنهيار سموري سنڌ ۾ مشهور آهي، ڪراچي ڪنگس طرفان راشد لطيف جي نگراني ۾ ڏنل ٽرائلز ۾ پنجين پوزيشن حاصل ڪئي.